اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪا??ون??ل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عم??دا??ن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان ??وقعي تي اسلامي نظرياتي ڪا??ون??ل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ زندگي مبارڪ تي روشني وڌي.
هن ??يو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن جي احترام جو عملي طور تي درس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ باعزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن ??يو ته اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز ??يو ته عورتن جي وراثتي حقن جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جا قانون موجود آهن. اسان جي ذميداري آهي ته انهن قانون جي عملدرآمد جي حوالي سان ??اڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان ??وقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گهري وئي.