اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پ??ڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پ??غام تي پ??هنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پ??ڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پ??ڪ ??ي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته ??اڪستان جي حڪومت سي پ??ڪ م??صوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ??و افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.