اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته سياحت جي شعب?? جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خا?? ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عمل?? جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خا?? سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعب?? جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.