اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 77 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود ??ري??ن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ري??ن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 54 سي??ڙو، لاهور ۾ 28 سي??ڙو، پشاور ۾ 29 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 22 سي??ڙو ??ري?? آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 31 سي??ڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سي??ڙو، پشاور ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سي??ڙو ??ري?? آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 900 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 660، پنجاب ۾ 17 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 128، اسلام آباد ۾ 4 هزار 370، بلوچستان ۾ 873، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 477 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 69 هزار 691 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به ??ري?? هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ج?? لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 371 ??ري?? آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 987 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 36 هزار 131 آهي.