اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوا??ي سان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي سمورن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ??رق?? ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي ??يڪ جي ڪري پاڪستان خطي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي ??يڪ گڏيل ??رق?? جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي ??يڪ منصوبن سان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي ??يڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ??رق?? جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي