اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت ??ي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪا??ي دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دو??ي دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سم??ت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دو??ي دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دو??ي دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.