اسلام آ??اد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ س??ورن قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين لهر ??ذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن ل??ن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيزي سان پک??جي رهي آهي.