سنڌيڪار: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خيبرپختونخوا جا لکين ماڻهو خاص طور غريب، لاچار ۽ محروم طبقي جي لا??ِ علاج جي مفت سهولت هڪ وڏي نعمت ثابت ٿي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صوبي جي غريب عوام علاج جي وڏن خرچن ۾ پيڙهجي رهي هئي ۽ انهن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهجي ويندي هئي، صحت انصاف ڪارڊ سان نه رڳو انهن کي علاج جي معياري سهولت ميسر ايندي پر مشڪل سان گهر جو خرچ هلائيندڙن تي هاڻي مالي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو، معاشري جي لاچار طبقي لا??ِ صورتحال ان وقت افسوسناڪ ٿي ويندي آهي جڏهن انهن کي علاج ۽ ماني مان هڪ شيءَ چونڊڻي پوي، ان صورتحال ۾ هو علاج بدران ٻارن جو پيٽ پالڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ علاج جي لا??ِ هو وڏي وياج تي قرض وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. مالي مشڪلاتن جي ڪري هو عطائين جي ور چڙهي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جا مرض لا علاج شڪل اختيار ڪري ويندا آهن.
ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي ناڻي ۽ صحت واري وزير ??يمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته خيبرپختونخوا ملڪ جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جتي ان جي س??ني رهواسين کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي ”صحت جي سهولت سڀني لا??ِ“ جي ويزن موجب صوبي جي سئو سيڪڙو آبادي کي رڪارڊ ٽن مهينن اندر اها سهولت فراهم ڪئي وئي، هن چيو ته مفت علاج کانسواءِ صوبي جي 280 اسپتالن ۾ اينٽي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. شروعاتي طور تي وفاق پاران صوبي کي 16 هزار ويڪسين خوراڪ مليون هيون، جيڪي ڪورونا جي خلاف اڳين صف ۾ وڙهندڙ صحت کاتي جي عملي کي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اينٽي ڪورونا ويڪسين جي لا??ِ اڍائي هزار عملي جي تربيت ڪئي وئي آهي ۽ 64 هزار کان وڌيڪ ورڪرز مريضن کي ويڪسين ڏيڻ لا??ِ پهرين کان ئي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي پي ٽي آءِ جي منشور جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) موجب سڀني ماڻهن کي صحت پلس ڪارڊ (ايس پي سي) ڏنا ويا آهن. چترال کان ڊي آءِ خان، سڀئي ضلعا يو ايڇ سي ۾ ۽ 400 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي اسپتالون ايس پي سي پروگرام جي لسٽ ۾ شامل آهن. صوبي جي 7 ڏکڻ ضلعن ۾ ايس پي سي جو ٽيون ۽ فائنل راوئونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل اسپتالن ۾ علاج جي مفت سهولت جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي.
ايس پي سي تحت هر مستحق خاندان هڪ سال ۾ 10 لکن تائين مفت علاج جي سهولت مان فائدو وٺي س??هي ٿو ۽ ان پروگرام مان 4 ڪروڙ ماڻهو فائدو وٺي س??هن ٿا. ڏکڻ ضلعن ۾ صحت ڪارڊ پلس پروگرام جي جاري ٿيڻ کان پهرين اهو منصوبو مالاڪنڊ، هزاره ۽ پشاور زون ۾ شروع ڪيو ويو هو، پشاور جي 28 اسپتالن سميت خيبرٽيچنگ اسپتال، حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس، ليڊي ريڊنگ اسپتال، ارنم پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي نصير ??لله بابر ٽيچنگ اسپتال، رحمان ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، نارٿ ويسٽ ٽيچنگ اسپتال، جناح ٽيچنگ اسپتال، فوجي فائونڊيشن اسپتال ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز ان پينل ۾ شامل آهن.
ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم ٻڌايو ته ايس پي سي تحت سرڪاري شعبي جي اسپتالن ۾ مفت علاج جي سهولت شروع ڪئي وئي آهي جتي مريضن جي سهولت لا??ِ خصوصي ”ايس پي سي“ ڪائونٽرز قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ايس پي سي تحت دل جي مريضن کي مفت اسٽنٽ فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن جي لا??ِ ماضي ۾ ٽن کان پنج لک روپين تائين ادا ڪرڻا پوندا هئا، هن وقت ايل آر ايڇ ۾ دل جي مرض جا 40 مريض داخل آهن جنهن مان ڪيترن ئي کي اسٽنٽ لڳايا ويا آهن. تفصيلن موجب چترال جون 6 اسپتالون، دير ??پر جون 2، لوئر دير ??ون 8، مالاڪنڊ جون 7، سوات جون 14، بٽگرام جون 5، مانسهره جون 3 ايبٽ آباد جون 10، بونير ۽ هريپور جي هڪ هڪ، صوابي جون 14، مردان جون 13، نوشهره جون 8، چارسده جون 5، ڪوهاٽ جون 2، هنگو جون 5، بنون جون 6، لڪي مروت جون 4، ڊي آءِ خان جون 6 اسپتال پينل تي وڌيون ويون آهن.
قبائلي ضلعي مهمند جي هڪ مريض جي سارسنڀال ڪندڙ محمد اي پي پي کي ٻڌايو ته سندس ماءُ کي ليڊي ريدنگ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس پنج هزار روپين جي ماليت جون دوائون مفت فراهم ڪيون ويون، ان کان پهرين اهي خرچا اسان پنهنجي کيسي مان ڪندا هئاسين پر هاڻي ايس پي سي تحت اسان جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن غريبن جو ڏک سمجهندي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي. هڪ ٻي مريض جي سارسنڀال لهندڙ قيصر نديم چيو ته سندس ڀيڻويو ايل آر ايڇ ۾ داخل ٿيو هو ۽ ان کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، اهو صوبي جي عوام لا??ِ هڪ وڏو تحفو آهي، پروگرام کي ڪاميابي سان هلائڻ لا??ِ خيبرپختونخوا حڪومت 21 – 2020ع جي بجيٽ ۾ 18 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ته جيئن صوبي جي لکين ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ ۾ رنڊڪ نه اچي، ان پروگرام مان اهي س??ئي ماڻهو فائدو وٺي س??هن ٿا جن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ۾ مستقل پتو هتي جو هجي. نوشهره جي ڪينسر جي هڪ مريض خورشيد خان ٻڌايو ته ڪينسر جي س??اڻپ ٿيڻ کانپوءِ جنهن تڪليف مان آئون گذريو آهيان ان کي ڪير ??ه محسوس نٿو ڪري س??هي، ان موذي مرض جي علاج جي لا??ِ مون پنهنجي س??ي جمع پونجي خرچ ڪري ڇڏي.
هن چيو ته هاڻي آئون تمام گهڻو خوش آهيان ڇاڪاڻ جو هيلٿ پلس ڪارڊ تحت هاڻي مون جهڙن مريِضن کي علاج جي مفت سهولت ميسر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪينسر جي مريض لا??ِ صوبائي حڪومت پاران 10 لک روپين تائين علاج جي فراهمي تمام وڏي ڳالهه آهي ان جي لا??ِ مون جهڙي مريض عمران خان ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، ڪينسر کانسواءِ ڪڊني ٽرانسپلانٽ، دل جي مرض ۽ ٻين دائمي مريضن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.
اها هڪ پراڻي ۽ گهڻي ضرورت هئي پر ماضي جي حڪومتن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ائين نه ڪيو. تنهن هوندي به اهو پي ٽي آءِ جي حڪومت جو ڪارنامو آهي ته هن صوبي جي لکين ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ لا??ِ اهو شاندار قدم کنيو آهي.