ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سا??ون??ي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائ?? جي لاءِ سا??ون??ي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت بليو اڪانوم?? جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين س??ن هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سا??ون??ي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانوم?? جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سا??ون??ي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادر?? جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.