اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي ??را?? چيو آهي ته ??اڪ??تان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ٽي وي جي ري اسٽرڪچرنگ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، پي ٽي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جوڙيو ويندو. صحافين کي بريفنگ دوران هڪ سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي ??را?? چيو ته وزيراعظم جي ادارن ۾ سڌارن واري پروگرام تحت مختلف ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو ويو جڏهن پي ٽي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جواب موڪليو ته پي ٽي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.