اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ??در جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ??اب?? ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊج??ٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ??يو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊج??ٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ??اب?? ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ??اب?? ٿيو.