اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو ??يصلو وزيراعظم جي ص??ار?? ۾ پاڪستان پوسٽ ملازمن ??ي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بج??ٽ خرچن جو اٽڪل 34 سيڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا ??ي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن ??ي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.