اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي مل?? جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي مل??ن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزي??اع??م مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل مل?? کي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي س??ار?? ۽ پاليسين جا ثمر مل?? شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو