اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناليوا??ي سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏ?? ۽ ??فسوس جو ا??هار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ جي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تعزيت جو ا??هار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ا??هار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪيو.