اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪر?? ۾ ??دد ملندي?? پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪي??ن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي ??ار?? ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ڪي??ر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪي??ر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ڪي??ر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.