اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي ا??ي، پي ايم ڊي اي فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊنگ ??مي??ي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي رهيو هو. اجلاس جي صدارت ??مي??ي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪ??ي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ??مي??ين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي اين اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ايم ڊي اي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ايم ڊي اي بابت تجويزون پيش ڪيون.