اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جم??وريت جو ورد پيپلزپارٽي کان 24 ڪلاڪ ٻڌي وٺو پر جم??وري اصولن جي گ??ٽ کان گهٽ پاسداري به جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ نه آهي ته اها سنڌ آهي جتي زرداري خاندان جي آمريت لاڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تي قبضي کانپوءِ هاڻي مخالف ڌر اڳواڻ کي بجيٽ تقرير ڪرڻ کان به روڪيو ويو، ??هو زرداري جي جم??وريت جو نئون رنگ آهي.