گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن ج??هن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏي??هن گلگت بلتستان جي دوري دوران گلگت بلتستان جي وڏي وزير پاران سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪي??. و??يراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ايس سي او جي انتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو ج??هن ۾ سي پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگت بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت بلتستان جي ڏورا??هن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رکي??. و??يراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري ت??لي??ي وظيفن سان گڏوگڏ ثانوي ت??لي??ي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ثانوي ت??لي??ي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو آغاز ملڪ جي سمورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي سڄي گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن ج??هن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.