اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عو??م تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر دوران خاص طور تي احتياط ڪري ۽ ماسڪ لازمي پائي، هي لهر انت??ائ?? خطرناڪ آهي، صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻي ڏيکارينداسين، قيمتن کي وڌائڻ ۾ مافياز ملوث آهن، قوم کي گڏجي ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻو آهي، عدليه ساٿ نه ڏيندي ته ڪرپشن سان اسان نه ٿا وڙهي سگهون، پاڪستان ۾ ادارا آزاد آهن، اسان ڪنهن کي فون ڪري مرضي جا فيصلا نه ٿا ڪرائي سگهون، فرانس انقلاب ۽ خميني انقلاب ۾ ماڻهن جا ڪنڌ لاٿا ويا، پاڪستان ۾ جمهوري نظام آهي، تبديلي ۾ وقت لڳي ٿو، عو??م کي صبر ڪرڻو پوندو، ڪمزور طبقي جي حفاظت جي لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان، سڄي قوم ان جهاد ۾ منهنجو ساٿ ڏي، ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، پهريون ڀيرو رپيو مضبوط ٿيڻ شروع ٿيو آهي، حڪومت جي مثبت قدمن کي اجاگر نه ڪيو ويو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قرض وٺڻو پيو، قبضي گروپن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، 5 آگسٽ جو قدم واپس وٺڻ تائين ڀارت سان لاڳاپا معمول تي نه ٿا اچي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڌوسنئون فون ڪالز ذريعي عو??م جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ت?? هو سڀ کان اڳ قوم سان هڪ اهم ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو، ڪورونا جي ٽئين لهر انت??ائ?? خطرناڪ آهي?? ان لاءِ آئون عو??م کي تاڪيد ڪريان ٿو ت?? اها ماسڪ کانسواءِ نه رهي، اهو سڀ کان آسان ڪم آهي ته اسان ماسڪ پايون، الله تعاليٰ ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر دوران اسان تي خاص ڪرم ڪيو ۽ اسان کي تمام وڏي مشڪل کان بچايو، جيڪڏهن آمريڪا، يورپ، برازيل، ڀارت ۽ ايران وانگر صورتحال پيدا ٿئي ها ۽ ڊگهي عرصي جو لاڪ ڊائون ڪرڻو پوي ها ته معاشي صورتحال جيڪا اڳ ۾ ئي خراب هئي?? ان ۾ اسان کي وڌيڪ مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ها، الله جو شڪر آهي ته هن اسان کي مشڪل وقت کان بچايو، خبر نه آهي ته ٽئين لهر ڪيستائين ويندي، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ به ٽئين لهر شدت سان حملي آور آهي، يورپ ۾ ويڪسين جي باوجود لاڪ ڊائون آهي ان لاءِ عو??م کي گهرجي ته اها ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي?? ان ۾ انهن جو ۽ اسان سڀني جو فائدو آهي، جيڪڏهن ڪورونا اڃا وڌيڪ پکڙجي ويو ت?? لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين. وزيراعظم چيو ت?? سڄي دنيا ۾ ماڻهو ڪورونا کان متاثر آهن پر غريب عو??م تي ان جو اثر وڌيڪ پيو آهي، امير ملڪن ۾ به غريب ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، هڪ اندازو آهي ته 15 ڪروڙ ماڻهو ڪورونا جي ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، پنهنجي غريب عو??م جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ان لاءِ آئون عو??م تي زور ڏيان ٿو ت?? اها بسن، گاڏين ۽ عو??مي جاين تي ماسڪ جو استعمال ڪري.