اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ون?? جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خي??رپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اسلام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪو??ون?? وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آهي.