اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري اسلام آباد ۾ بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو آهي، عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي ک??ٽ آهي، ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل تحسين آهي، دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اسان وٽ سياسي فنڪار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مخالف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي آهي، مارچ جي جمهوري حق کي عوامي مشڪلاتن ۾ اضافي لاءِ استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت معاهدي موجب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وڌي، پسند واري جاءِ ??را??م ڪئي، جڏهن ته پاڻي، بجلي سميت سموريون سهولتون به ??را??م ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.