اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ۽ پائيدا?? پاليسي ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکندڙ هجي، ڊمي اخبارن جي نشاندهي ?? ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات ??اري وزير شبلي فراز نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، اطلاعات ??اري وزير نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ??ني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.