اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن ج?? حوالي سان اه?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ج?? قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن ج?? مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن م??جب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني ب??ائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن ج?? مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن فيصلن تي جلد کان ج??د عملدرآمد کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.