اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون و??ون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي مو??ر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عوام جو تعاون حڪومتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي مو??وده صورتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل ??دمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ مو??ود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي مو??وده صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کنيل ??دمن جو به جائزو ورتو ويو.