اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته هڪ طرف ??وام کي ڪرونا ??ائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف ??وام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا ??ومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم ا??مينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خ??ن ڪرونا ??ائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا ??ائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خ??ن ڪرونا جي موجوده ??ورتحال جي حوالي س??ن ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا ??ائرس کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.