اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سعو??ي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الش??خ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.