اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ سبب متاثر صا??في?? کي 41 لک رپيا واپس ڏيڻ جي هدايت ڪندي بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف مسلم ڪمرشل بئنڪ جون 3 ۽ الائيڊ بئنڪ جي هڪ اپيل ??د ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اپيلن کي ??د ڪندي چيو ته بئنڪن آن لائين فنڊز ٽرانسفر جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ضابطن جي تعميل ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ۽ صا??في?? جي رضامندي کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪيو. تفصيل موجب ٻن نجي بئنڪن جي 4 صا??في?? جي بئنڪ اڪائونٽس مان جعلسازن رقم ڪڍرائي وئي. صدر چيو ته بئنڪن فنڊز ٽرانسفر جي فائدن ۽ نقصانن بابت واضح ۽ سادي زبان ۾ صا??في?? کي نه ٻڌايو ۽ صا??في?? جي اجازت کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ سان صا??في?? کي نقصان کڻ??و پيو. هن چيو ته بئنڪون بد??نتظامي جي مرتڪب ۽ صا??في?? جو نقصان پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. تفصيل موجب سميرا الله دته، افضال عباس ڪاظمي، فرح محمد خان ۽ ڊاڪٽر ڪنور شڪيل احمد (شڪايت ڪندڙ) کي ترتيبوار 15 لک، 9 لک 85 هزار، 9 لک 60 هزار ۽ 5 لک 98 هزار رپين جو نقصان ٿيو. ڊاڪٽر ڪنور کي هيلپ لائين تان شڪي نمبر تان ڪال موصول ٿي، ڪالر ذاتي بئنڪنگ معلومات طلب ڪئي. بئنڪنگ معلومات شيئر ڪرڻ کانپوءِ اڪائونٽ مان 598000 رپيا منتقل ڪيا ويا. ذاتي تفصيل شيئر نه ڪرڻ جي باوجود سميرا، افضل ۽ فرح جي بئنڪ اڪائونٽس مان وڏي رقم غائب ڪئي وئي. صا??في?? رقم واپسي جي لاءِ جدا جدا بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو فائدو نه ٿيو. بعد ۾ صا??في?? بئنڪنگ محتسب کي شڪايتون داخل ڪرايون جنهن بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي درخواستون داخ ڪيون. صدر مشاهدي کانپوءِ چيو ته شڪايت ڪندڙن لاڳاپيل بئنڪن مان فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي درخواست نه ڪئي ۽ اهو ته بئنڪن دوکيبازي جو خطرو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مناسب نظام ۽ ڪنٽرول نه لڳايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جعلسازن بئنڪن جي ڪمزور نظام ۽ ڪنٽرول جو فائدو کنيو، جعلساز پاڻ کي بئنڪن سان رجسٽر ڪرائڻ ۽ تڪراري ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صدر چيو ته آن لائين ڏيتي ليتي لاءِ نئين اوزارن کي بئنڪن ۾ جعلي ڏيتي ليتي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي رجسٽر ڪيو ويو، بئنڪن فنڊز ٽرانسفر سهولت جي حوالي سان استيٽ بئنڪ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تعميل نه ڪئي، صا??في?? کي آسان زبان ۾ لکت ۾ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاهه نه ڪيو ويو، بئنڪن جو موقف ته ڏيتي ليتي ۾ پاسورڊ استعمال ٿيا ۽ اهي صا??في?? جي رضامندي سان ٿيا، کل جوڳي آهي. صدر چيو ته پهريون مرحلو فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي لاءِ صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ آهي، ٻيو مرحلو ڏيتي ليتي کان اڳ صارف جي سيڪيورٽي جي لاءِ تصديق ڪرڻ آهي، بئنڪون ٻن جدا جدا مرحلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اي ايف ٽي چينل کي رضامندي کانسواءِ نه ٿو کوليو وڃي ته صا??في?? مالي نقصان کان بچي سگهيا پئي، بئنڪون پنهنجي قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، بئنڪن بد??نتظامي ڪئي. صدر بئنڪن جي اپيل ??د ڪندي متاثر صا??في?? کي 41 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.