اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ جي تازي ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهي ڪيس منطقي انجام تائين پهچندا ۽ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، ڪابينا صوبائي دهشتگردي جي خاتمي واري فورس (سي ٽي ڊي) ??ي مني لانڊرنگ بابت ڪيسز جو اختيار ڏيڻ، پي ٽي ??ي جي حوالي سان سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي جي قيام، آڊيٽر جنرل آفيس جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر عشرت حسين کي ٽاسڪ سونپڻ، ڀرتي جي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪوٽا ختم ڪري گريڊ هڪ کان پنج تائين ڀرتي جي لاءِ نئون طريقو اختيار ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.