چيچه وطني – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پوري پاڪستان وانگر ساهيوال ۾ پڻ 5 آگسٽ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جي شروعات سمور??ن سرڪاري آفيسرن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي. ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي ضلعي ڪائونسل هال ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪن??ڙ ٻانهن تي ڪ??ري??ن پٽيون ۽ ڪارا ماسڪ پائيندا. سيمينار کانپوءِ ضلعي ڪائونسل هال کان ڊي سي چوڪ تائين ڪشمير??ن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍي ويندي، جڏهن ته ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ جي مذمت جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي ويندي.