اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلم?? جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير بابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ا??هن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀ??ئرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري د?? تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ ا??هن جي شخصي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آهي ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏي??هن اضافو ٿيندو.