انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ترڪ سي??پڪار ان مان فائدو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ڪندي، خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، وزيراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ترڪ واپارين ۽ سي??پڪارن کي پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ترڪ سي??پڪارن جي پاڪستان ۾ سي??پڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنهي ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته سندس حڪومت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سي??پڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڊيمز جي شعبي ۾ تمام گهڻي سي??پڪاري ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پن بجلي سان 40 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ترڪ سي??پڪارن کي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جديد ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سي??ڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، انهن کي جيڪڏهن جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي جي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سي??پڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چوڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.