اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آه?? ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آ??ان بڻائي وڃي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ??يون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ ??ان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين مملڪتي وزير کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي ??ان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي جي تعاون ??ان اهو سسٽم تيار ڪيو آه??، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آه?? جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ??ندو آه??، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آه?? ان ??ان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي شهرين جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي شهرين کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ??ري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آه?? جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪستاني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آه??، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ??يون وڃن ڇو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ا??ان جو سڀ کان وڏو اث??ثو آه?? جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ??ري رهيا آه??. مملڪتي وزير نادرا پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.