اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري هتي يو اي اي جي سفارتخاني وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي سندس وارثن ۽ متحده عرب امارات جي عو??م سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترج??ان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي و??ير چيو ته مرحوم اڳواڻ جي دانشمنداڻي قيادت کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ناقابل فراموش خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.