اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ و??ير??عظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم ميڊيا آفيس مان ج??ري بيان موجب و??ير??عظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي بحرين سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قد??ن کي ساراهيندي و??ير??عظم محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. و??ير??عظم وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بحرين ج?? لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئي م??ڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.