اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم ش??هه محمود قريشي چ??و آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين خ??لي خددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چ??ي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفا??تي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ??شمير جي حو??لي سان ٿيندڙ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي اها تصويري نمائش ان سنگين ظلمن جو نقشو پيش ڪري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ انهن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هندستان ڊس انفارميشن پکيڙي سگهي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ کان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ هٿين خ??لي خوددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇوڪري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريشي چ??و ته اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چ??ٿي ڇڏيو، هندوتوا پاليسي ڪنهن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ مدي کان انهن کي منهن ڏيندا پيا اچن، مخدوم ش??هه محمود قريشي چ??و ته سيڪيولر سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هندوتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ توهان هندستان جي اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي سگهو ٿا. هن چيو ته هندستان ۾ هڪ وڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا جي اندر مخالف ڌر ان نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ان هندوتوا سرڪار سيڪيولر ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چ??و ته آئون سمجهان ٿو ته هندستان جي اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ نئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته اڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ڪري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي کان تمام گهڻو پري وڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ان جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم ش??هه محمود قريشي چ??و ته اسان کي خبر آهي ته اقتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختياري واري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم ش??هه محمود قريشي چ??و ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ان جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفا??تي مدد جاري رکنداسين.