گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار جي فروغ ۽ بلوچستا?? جي سرحدي علائق?? جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان سرحد تي واپار وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سرحدي واپار ۾ اضافي ۽ بلوچستا?? جي ڏورانهن علائقن ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ رست?? جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪن، ??يلي ڪميونيڪيشن جون سهولتون فراهم ڪن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي بينڪنگ چئنلز قائم ڪري موجوده سرحدي علائقن کي سموريون سهولتون مهيا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اه?? هدايتون جمعي ڏينهن گوادر ۾ بلوچستان ۾ بارڊر اينڊ ٽريڊ مينيجمينٽ جي حوالي سان فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بلوچستا?? جي گورنر سيد ظهور احمد آغا، بلوچستا?? جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڪمانڊر ڪ??سٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جاويد اقبال، ڪمانڊر ويسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جواد احمد، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين خالد منصور، اوگرا چيئرمين مسرور خان، بلوچستا?? جي چيف سيڪريٽري مظهر نياز رانا ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي 3 جنوري 2022ع تي ايوان صدر، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ حڪومت بلوچستان پاران اٿاريل مختلف مسئل?? جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي سرحدي واپاري مسئلن ۽ گوادر جي ساحلي علائقن ۾ غير قانوني ماهي گيري بابت به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گوادر جي شهرين کي بينادي ضرورت?? جي فراهمي لاءِ ضروري بنيادن تي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين ٻڌايو ته گوادر جي عوام کي 1.2 ملين گيلن روزاني (ايم جي ڊي ) پاڻي جي فراهمي جومنصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اجلاس کي گوادر ايئرپورٽ ۽ اسپتال جي ترقي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ۽ سهولت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ عمل کي هموار بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي اين او سي چئن هفتن ۾ جاري ڪئي ويندي. اوگرا چيئرمين شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته صوبي جي تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ اسٽوريج جي سهولتن ۽ لائسنس رکندڙ بهترين 10 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي صوبي جي هر ضلعي ۾ 2 اضافي پيٽرول پمپ قائم ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن جو تعداد گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي کي به ساراهيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته بلوچستا?? جي سرحدي علائقن سان تعلق رکندڙ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? جي بئنڪن کي سرحدي واپاري ماڳن تي بئنڪنگ چئنلز قائم ڪرڻ ج?? هدايت ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، هن بلوچستا?? جي نوجوانن کي هرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو گوادر ۾ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن. صدر بلوچستا?? جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ملڪ جي ٻين صوب?? جي برابر آڻڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. گورنر ۽ وڏي وزير صوبي جي ترقي، عوام کي درپيش مسئل?? جي حل ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي صدر جو دل جي گهراين سان ٿورو ادا ڪيو.