اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته چونڊ سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي جي گهٽين جي خبر نه آهي، پاڪستان جي سياست جي ڪهڙي خبر هوندي، مخالف ڌر هڪ ٻئي جو سهارو وٺي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي اسان جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته پنهنجا کڻي اچن، ان تي ڳالهه ڪري وٺون ٿا، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب ڪورونا جي ڪري عالمي سطح تي جاري مهانگائي جي لهر آهي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يو??ين جون معيشتون ڪورونا جي ڪري سخت دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود وڏي عالمي چئلينج جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي معيشت تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال، مهانگائي، بلدياتي چونڊن، اليڪٽورل ريفارمز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، حڪومت مهانگائي جي حوالي سان جيڪي قدم کڻي رهي آهي ان تي پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ انصاف صحت پروگرام، احساس پروگرام ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، انهن پروگرامن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عام ماڻهو کي مهانگائي ۾ ريليف ملي سگهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته مهانگائي جو بنيادي سبب ڪورونا جي ڪري عالمي سطح تي جاري لهر آهي، پاڪستان انهن ڪجهه معيشتن ۾ شامل آهي جن ڪورونا وبا جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، برطانيا ۽ يورپي يو??ين جون معيشتون به ڪورونا واب جي ڪري سخت دٻاءُ جو شڪار آهن، ڪورونا جي ڪري دنيا کي جيڪو جهٽڪو لڳو آهي، ان مان ٻاهر اچڻ ۾ وقت لڳندو. هن ??يو ته پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود وڏي عالمي چئلينج جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان جي معيشت تيزي سان وڌي رهي آهي، 1100 ارب رپيا زرعي معيشت ۾ ويا، تعميراتي شعبي ۾ 600 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي، مزدور، مستري، پلمبر، عام دڪاندارن سميت ڪيترن طبقنج ي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي، آبادگارن گهٽ قيمت تي يوريا ڀاڻ ميسر آهي. هن ??يو ته مهانگائي جي ڪري پگهاردار طبقي کي مشڪلاتون درپيش آهن پر اڪثر طبقن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ??يو ته جيڪي طبقا مهانگائي کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي حوالي سان معاملن تي پڻ غور ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان عدالتي فيصلي کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان تي خيبرپختونخواهه حڪومت عدليه کي اپيل ڪئي آهي، اسان عدليه کي اپيل ڪريون ٿا ته اها جلد فيصلو ڪري ته جيئن اسان اڳتي وڌي سگهون. هن ??يو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي مختصر نوٽيس تي وزيراعظم عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي قدم کي ساراهيو آهي، ماضي ۾ نواز شريف کي جڏهن سپريم ڪورٽ طلب ڪيو هو ته هو جٿو کڻي سپريم ڪورٽ پهچي ويو هو، ائينل ڳندو هو ته انهن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڇڏيو آهي. هنچ يو ته وزيراعظم عمران خان اڌ ڪلاڪ جي نوٽيس تي سپريم ڪورٽ پهتو، سپريم ڪورٽ جي اميدن موجب جواب ڏنو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف عدالتن جو ڪيترو احترام ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ ??يو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو، اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ موجب افغانستان ۾ 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن، بک جي ڪري 8 ٻار فوت ٿيا، خوراڪ جي لاءِ ٻارن کي وڪرو ڪرڻ جي وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪ افغانستان جي صورتحال تي اڳتي اچن. چونڊ سڌارن جو ذڪر ڪندي هن ??يو ته اسان جي خواهش آهي ته 2023ع جي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارا پارليامينٽ ۾ جلد منظوري جي لاءِ اچن، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته چونڊ سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن ??يو ته اسان اهڙو نظام تجويز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪير اليڪشن جي نتيجن تي آڱر نه کني سگهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جو ووٽ بئنڪ پوري ملڪ ۾ موجود آهي، وزيراعظم عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، خيبر کان ڪراچي ۽ گوادر کان لاهور تائين هر جڳهه سندس ووٽ بئنڪ موجود آهي، اسان صوبائيت ۽ فرقيوا??يت جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، اسان قوميت جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان اها پارٽي آهيون جيڪا وفاق جي مفاد کي سڀ کان مٿانهون رکي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي اها سياسي قوت آهي جيڪا رڳو فيڊريشن ۽ پاڪستان جي بقاءَ جي لاءِ اڳتي وڌندي، چونڊ سڌارن جي معاملي تي اسان سڀني کي اڳتي کڻي وڌنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، نه انهن وٽ ڪو ليڊر آهي، نه ڪو پلان، بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي جي گهٽين جي خبر نه آهي، کيس پاڪستان جي سياست جي ڪهڙي خبر هوندي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به جٿو کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، هي هڪ ٻئي جو سهارو وٺي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن کي طاقت جون گوريون گهرجن جيڪي انهن کي ميسر نه آهن، هي بيهن ٿا ۽ ڪري پون ٿا، هي هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن پير، ڄنگهون ۽ طاقت پنهنجي نه هجي ته ڪير ڪيستائين هلي سگهي ٿو؟ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سياسي مسئلا هر جڳهه تي هوندا آهن، اتحادي پارٽين وزيراعظم سان ملاقات دوران وزيراعظم جي فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته چونڊ سڌارن تي مڪينزم ٺهي چڪو آهي، اسان رڳو ان تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مخالف ڌر کي اسان جا اليڪٽورل ريفارمز پسند نه آهن ته اهي پنهنجا کڻي اچن، اسان ان تي بحث ڪرائي وٺنداسين. اليڪشن ڪميشن سان رابطي جي حوالي سان پڇيل سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اليڪشن ڪميشن سان ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي گذريل هفتي ملاقات ٿي هئي، اي سي پي اهم ادارو آهي اسان ان کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪهڙي پارٽي آهي جنهن حڪومت ۾ رهندي چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪئي هجي. هن ??يو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي اندر نيوٽرل امپائر آندو، هو پاڪستان جي اندر اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿو جنهن ۾ اليڪشن ٿئي ته ڪير آڱر نه کڻي سگهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طرح کيڏي آهي ان کي ساراهڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، پوري قوم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پٺيان بيٺل آهي.