اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جون مشڪلاتون گ??ٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ??ميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن م??د جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ??روري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنج?? گڏيل ذميواري پوري ڪري.