اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي پاڪستان جنگ ۾ نه امن ۾ حصيدار رهندو، پاڪستان آئنده به ا??غا??ست??ن ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جون قربانيون، 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 9 ملين ا??غا?? غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ آهن، ان تي دنيا کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،
هو گلوبل پيس چين جي اهتمام هيٺ ”ا??غا??ست??ن جي نئين سر تعمير تي گول ميز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 4 ملين کان وڌيڪ ا??غا?? پناهگيرين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ا??غا??ين جو وڏو تعداد هاڻي به پاڪستان ۾ موجود آهي، جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ته چڻنگ توهان جي گهر ۾ به ايندي آهي، پرامن ا??غا??ست???? ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي ا??غا?? تجارت، علاج سميت هر مشڪل ۾ پاڪستان ڏانهن ڏسندا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن، انهن جي فنانسنگ ڪندڙ ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي امن قائم ڪيو آهي،
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين به ا??غا??ست??ن مسئلي جي حل جي حوالي سان ڪليئر هو، هن سدائين ا??غا?? مسئلي جي سياسي حل ۽ ڳالهين تي زور ڏنو، قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس ٺهڻ کان پوءِ سمورن ا??ٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ جو موقعو مليو ۽ معاملن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي، ان مشڪل مرحلي ۾ جيڪڏهن دنيا ا??غا??ست??ن کي اڪيلو ڇڏيو ته ان جا منفي نتيجا نڪرندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو رستو ا??غا??ست??ن مان آهي، معاشي ترقي ۽ استحڪام به انهي ۾ آهي، هن چيو ته دوحا ڳالهين ۾ ٿيندڙ 4 ڳالهين تي عمل ضروري آهي، ا??غا??ست??ن جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
ا??غا??ست??ن جي موجوده سياسي نظام ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ا??غا??ست??ن مان نڪرڻ ۽ انساني امادد جي ا??غا??ست??ن تائين پهچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، هن چيو ته ا??غا??ست??ن ۾ طالبان جي حڪومت آهي، دنيا کلي دل سان ان کي تسليم ڪري، اسان جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته ا??غا??ست??ن ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي متفقه حڪومت هجي، ته جيئن ا??غا??ست??ن ۾ خانه جنگي نه ٿئي ۽ گذريل 40 سالن کان ا??غا??ست??ن ۾ عدم استحڪام جو خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي تازي خطاب ۾ به انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا ا??غا??ست??ن کي پنهنجو ڪري، اتي جي ماڻهن جي مدد ڪري.