اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي ت??فظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن ??ي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان تي تفصيلي بريف??گ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، جي ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، اجلاس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگاهه ڪي?? ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪي?? ويو، وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائ??زي??ن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آند?? ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ مڪمل ڪي?? ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو ت??فظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي ت??فظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، شهري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي ت??فظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن ??ي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.