اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ را??طو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه محمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغا?? شهرين جي س??ڪي??رٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اول??ن ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. اسان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.