اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ تي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ??ري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي پاڻ ق??اد?? ??ري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن ??ياواڪي ۽ اڄ بلوچستا?? لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ??ري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آهي، عالمي ادارا به وزيراعظم عمران خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ??ري رهيا آهن.