اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇ??يو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپ??ن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپ??ن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ?? ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظه??ر ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپ??ن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظه??ر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمران خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.