اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدفن وانگر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ به بري طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون پنهنجي پنهنجي مفاد?? جي جنگ وڙهي رهيون آهن، سينيٽ اليڪش?? جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي ويا آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن سالن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي ب??ياد آهي، ٻن سالن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن، پارلياماني پارٽي ۾ سمورن معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.