اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت بلتستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترق?? لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهم?? لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??لگت بلتستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت معاملن وارو وفا??ي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي حسن جو مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن ??يو ته گلگت بلتستا?? ۾ ??ازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت بلتستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهم?? لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن ??يو ته آن ل??ئن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.