اسلام آباد – 22 – اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمه??ري?? ايران جو صدر ڊ??ڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائ??س ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي ??طح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي ??عزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي ??بزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي ??قريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي ??عزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.