لاڙڪاڻو – 15 ??? م??رچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽو خاندان جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پيپ??زپ??رٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀ??و، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀ??و ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواريءَ شيرين امير بيگم مرحومه جي قبر تي پڻ حاضري ڀري ۽ قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ هن شهيد مير مرتضيٰ ڀ??و ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ صدر سان گڏ هو.