اسلام آباد -29 ڊسمبر (اي پي پي) خوراڪ ج?? تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته آبادگارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، آبادگارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت آبادگارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ڪسان ??نو??نشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽاڪ جو ڪاروبار ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ آبادگار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي قومي ڪسان ??نو??نشن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. قومي ڪسان ??نو??نشن ۾ آبادگارن کي زراعت جي حوالي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ ج?? تحفظ جي حوالي سان حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. قومي ڪسان ??نو??نشن کي آبادگارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪسان ??نو??نشن ڪوٺائڻ خوش آئنده آهي ان سان ملڪي زراعت جي ترقي جي حوالي سان حڪومت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته آبادگارن کي ڀ??ڻ جي فراهمي جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن تنهن هوندي به حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي آبادگار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهن.