اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??زيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، خادم پاڪستان عو??م کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چا?? سال معيشت کي تباهه ۽ عو??م کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي ??فر تي آهي، اهو آهي پاڪستان ۽ عو??م جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.