اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي ??ور??حال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پر??يه?? وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪست??ن جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پر??يه?? وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان ??ور??حال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اخ??يا?? ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پر??يه?? وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ??ور??حال خراب ٿئي ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ??ن جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحر??ن جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي افغانست??ن جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغانست??ن جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿي?? بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.